اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان ??زيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪستان ??يپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀ??ڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بل??ول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.