اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشي??ئي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ??يو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آبادگارن کي 32.6 ارب روپين جو ن??صان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پاڪستان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪ??و آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوب??ئي ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جي مالي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ضرورت تي زور ڀريو ??يو آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊ قائم ڪيو ??يو، هر صوب??ئي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشي??ئي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالياتي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.