ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پا??ستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پي?? ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پا??ستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پا??ستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، شهر جي سمورن قدرتي پا??ي جي نيڪال جي ر??تن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوش?? ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان شهر جي ر??تن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.