پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀا??ت زبردستي ڪشمير جو اسٽيٽس تبديل ڪري غيرمنصفاڻي ۽ بزدلاڻي فعل جو ثبوت ڏنو، اهو عمل ڀا??ت جي خطي ۾ امن جي خرابي لاءِ ناپاڪ ڏوهن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀا??ت کي ڪ??ن ارادم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 5 آگسٽ جي ڪاري ڏينهن کي پاڪستاني عوام ڪشميري ڀا??رن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي طور ملهائي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين عمران خان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو.