اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعو?? ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خان 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خان جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ لکيو ت?? اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو ت?? پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خان جي نااهلين ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ت?? برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ ??صل ۾ عمران خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ت?? عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شه??از شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. وفاقي وزير مريم او??نگزيب سوال اٿاريو ت?? عمران خان بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خان ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ت?? نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعو?? ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ت?? ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شه??از کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ت?? عمران خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا ح??صل ڪيا ويا. وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو ت?? نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.