اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مر??ن خان اڄ تائين پنهنجي خلاف ٻاهرئين سازش جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ??مر??ن خان بحيثيت وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي پاڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪا ٻاهرئين سازش ناهي ٿي، ان وقت انهن ثبوت ڇو پيش نه ڪيا، ان وقت جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڇو نه ڪيو ويو، انهن جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي، ??مر??ن خان پنهنجي غلط ۽ ڪوڙي بيانيي سان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، انهن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، گذريل حڪومت جي سمورن اسڪينڊلز ۾ ??مر??ن خان، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي جا نالا واضح آهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت جي نالائقي، نا??هلي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ڪري پاڪستان جي عوام اڄ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي، جن ڪمزور بنيادن تي نالائقن ۽ نا??هلن آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ان جي ڪري ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي بار کان بچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان گذريل چار سالن دوران توانائي سميت ٻين رڪيل منصوبن کي ٻيهر بحا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي اهي منصوبا آهن جيڪي 2018ع ۾ ش روع ٿي چڪا هئا پر گذريل چئن سالن دوران نا??هل ۽ ڪرپٽ ٽولي انهن تي ڪو ڪم نه ڪيو، انهن جي نيت منصوبن تي ڪم ڪرڻ نه پر ملڪ مان ڦرلٽ ڪرڻ هئي، ڦرلٽ سان ??مر??ن خان ۽ فرح گوگي جي اثاثن ۾ اضافو ڪيو ويو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان فارن فنڊنگ ڪئي، چندي جي پئسي جي مني لانڊرنگ ڪئي ۽ پنهنجي اڪائونٽس کي ڊڪليئر نه ڪيو، جڏهن اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ انهن جي اڪائونٽس کي ڊڪليئر ڪيو ته انهن اليڪشن ڪميشن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته فرح گوگي ??مر??ن خان جي فرنٽ مين هئي جنهن پنجاب ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪئي، جڏهن فرح گوگي جي خلاف ڳالهه ڪريو ته ??مر??ن خان تڙپڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته گذريل چار سال بني گالا حقيقت ۾ مني گالا بڻيل هو، ??مر??ن خان جي فرنٽ مين پرسنز ان جي حڪمن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان جا ترجمان چئي رهيا آهن ته انهن کي بي اعتمادي رٿ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، هڪ موصوف چيو ته بي اعتمادي رٿ جي خبر هئي ته اسان معيشت جي بارودي سرنگهون وڇايون. هن چيو ته هڪ طرف اهو چئي رهيا آهن ته ٻاهرئين سازش ٿي آهي ۽ ٻئي طرف اهو چئي رهيا آهن ته بي اعتمادي جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، اهي پنهنجي ڪوڙي بيانيي جي ترتيب ته ٺيڪ ڪ??ي وٺن. مريم اورنگزيب چيو ته 8 مارچ جي خط کانپوءِ انهن ڊونلڊ لو کي اهم مقرر طور تي ڇو گهرايو، جيڪڏهن اهي سازش ڪري رهيا هئا انهن کي ڇو گهرايو ويو، 8 مارچ کان 28 مارچ تائين ??مر??ن خان ڇو خاموش رهيو؟ ??مر??ن خان جا ترجمان اسد عمر ۽ شيرين مزاري ??مر??ن خان جون هدايتون وٺي چينلز تي ظاهر ٿيا، اهي ٽاڪنگ پوائنٽس ۽ گائيڊ لائينز وٺي آيا هئا. هن چيو ته جڏهن انهن جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا ته هي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ لڳي وڃن ٿا. هن چيو ته جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پهرين م??ٽنگ ٿي ته ان وقت ??مر??ن خان وزيراعظم هاو ۽ هن م??ٽنگ چير ڪئي، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق به ??مر??ن خ??ن ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪا سازش ناهي ٿي. جيڪڏهن ٻاهرئين سازش جو بيانيو اصل بيانيو هو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق ڇو ڪئي وئي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جا سمورا ميمبر ميٽنگ ۾ موجود هئا، انهن پريس ريليز ڪڍي جنهن جي ??مر??ن خان توثيق ڪئي، اها راءِ نه هئي اهو پاڪستان جو بيانيو هو، جيڪڏهن انهن کي ان سان اختلاف هو ۽ ٻاهرئين م??ڪ سازش جا ثبوت موجود هئا ته توهان پيش ڪريو ها، توهان جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي. هن چيو ته ??مر??ن خان پنهنجي ترجمانن کي موڪلي پنهنجي ڪوڙي سياسي بيانيي سان ادارن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ??مر??ن خان جي چوري ۽ ڦرلٽ پڪڙي پئي وڃي، هن م??ڪي مفاد ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيو، جڏهن به انهن جو ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته اهي اداري تي حملا ڪن ٿا، جڏهن انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ته انهن کيسي مان پرچيءَ ڪڍي ۽ چيو ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته ??مر??ن خان هاڻي ٻاهرئين سازش تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، هن نيشنل سيڪيورٽي مڪيٽي جي ميٽنگ ۾ ان جو مطالبو ڇو نه ڪيو هو؟ ان وقت هو وزيراعظم هو، هن ڪميٽي ۾ ثبوت ڇو پيش نه ڪيا جنهن سان ٻاهرئين سازش بي نقاب ٿئي ها. هن چيو ته هن پنهنجي نا??هلي کي لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، انهن کي خبر هئي ته انهن جي چار سالن جي نالائقي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ به نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورين انٽيليجنس ايجنسين، هٿياربند فوج جي قيادت موجود هئي، ان اجلاس جي جيڪا پريس ريليز جاري ٿي ان ۾ به چيو ويو ته ڪنهن به قسم جي ڪا سازش ناهي ٿي. هن چيو ته ??مر??ن خان اڄ تائين ڪي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به ??مر??ن خان جي بيانيي جي ترديد ڪئي، ??مر??ن خان سياسي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس سياسي بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو ان لاءِ اهو پنهنجي موت پاڻ م??ي ويو. هن چيو ته ??مر??ن خان ان کانپوءِ زندگي کي خطري جو بيانيو ٺاهيو، ان کانپوءِ هاڻي مهانگائي تي بيانيو ٺاهي رهيو آهي جيڪا انهن جي ڏنل آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سموري هٿياربند فوج جي نمائندگي ڪري ٿو، هن سازش جي بيانيي تي واضح بيان ڏنو، ادارن آئيني پوزيشن کي اختيار ڪيو جيڪو ??مر??ن خان کي پسند نه آهي. هن چيو ته سياسي قيادت ۽ هٿياربند فوج نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اندر هڪ ئي بيانيو ڏنو ته ڪا سازش ناهي ٿي، ??مر??ن خان جڏهن وزيراعظم هو ان وقت به اهو ئي بيانيو هو ۽ جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پڻ اهو ئي بيانيو هو ته ڪا سازش ناهي ٿي. هن چيو ته ??مر??ن خان پنهنجي چئن سالن دوران سياسي مخالفن تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هنيا ۽ جڏهن عدالتن ۾ ثبوت ڏيڻ جو وقت آيو ته اهي ڀڄي ويا. انهن ڪيترائي ريفرنسز موڪليا پر ڪنهن به ڪيس ۾ ثبوت نه ڏنا. هن چيو ته شهباز شيف جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان جڏهن ضمانت ٿي ته ??مر??ن خان جي هدايت تي نعيم بخاري ان جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جڏهن سپريم ڪورٽ ثبوت گهريا ته انهن درخواست ئي واپس وٺي ڇڏي. هن چيو ته هن وقت سمورا ادارا آئيني دائري جي اندر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو ??مر??ن خان کي پسند نه آهي. هن چيو ته ??مر??ن خان جي ڪرپشن جو گند عوام آڏو اچي رهيو آهي، انهن م??ڪي مفاد تي ڌاڙو هنيو ۽ ڦرلٽ ڪئي. هن چيو ته ??مر??ن خان م??ڪ رياض ۽ سندس فيملي ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي جي وچ ۾ 50 ارب رپين جي ڊيل ۾ ٽپڪي پيو ڇو ته هن کي ڪميشن وٺڻي هئي. هن چيو ته پنهنجي ڪميشن وٺڻ جي لاءِ ??مر??ن خان غليظ ڪم ڪيو. جنهن م??صوبي جي جاچ ڪريو ان ۾ ??مر??ن خان جا فرنٽ پرسنز ظاهر ٿين ٿا، هر اسڪينڊل ۾ ??مر??ن خان، سندس گهرواريءَ، فرح گوگي، شهزاد اڪبر جو نالو ملندو. هن چيو ته ??مر??ن خان جي خلاف جڏهن به ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته هي ادارن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته ??مر??ن خان 25 مئي تي عدليه جي حڪمن جي توهين ڪئي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ??مر??ن خان ايڇ نا??ين ۾ جلسو ڪري ۽ واپس وڃي پر هن اتي پهچي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ڊي چوڪ وڃڻ جو اعل??ن ڪيو، انهن وٽ ايترا ماڻهو به نه هئا جو اهي ايڇ نا??ين ۾ جلسيءَ تائين ڪري سگهن، اسان انهن کي مانيٽر ڪري رهيا هئاسين. هن چيو ته ??مر??ن خان 25 مئي جو ڀڳوڙو آهي، پنهنجي ماڻهن کي ڊي چوڪ گهرائي هو پاڻ اتان ڀڄي ويو. هن چيو ته هڪ طرف ??مر??ن خان عدليه جي فيصلن جي توهين ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف چوي ٿو ته عدليه اسان کي ريليف ڏي. مريم اورنگزيب چيو ته ??مر??ن خان جو بيانيو پنهنجي موت پاڻ مري چڪو آهي، انهن جا اعمال ناما، ڪرتوت ۽ ڪرپشن جا اسڪينڊل پاڪستان جي عوام کي خبر پئجي وئي آهي جنهن جي پڪڙ ۾ اهي سڀ ماڻهو اچڻ وارا آهن. هن چيو ته ??مر??ن خان پنهنجي گهٽيا ۽ ڪوڙي سياست جي بيانيي ۾ ادارن کي گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ??مر??ن خان چوي ٿو ته پاڪستان جي انٽيليجنسي ايجنسين کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، اصل ۾ اهڙو بيانيو ان جي پنهنجي دماغ جي سازش آهي. ??مر??ن خان م??ڪ جي خلاف سازش ڪئي، مليڪ معيشت کي ڪمزور ڪيو، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور ڪئي، ڪو اهڙو شعبو نه آهي جيڪو انهن ڪمزور نه ڪيو هجي. اهي ڪشمير فروش آهن، انهن م??ڪ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو، غريب عوام کي وڌيڪ غريب ڪيو، ملڪ جي اندر انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته جڏهن انهن کي خبر پئي ته انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته انهن معيشت جي راهه ۾ بارودي سرنگهون وڇايون، آءِ ايم ايف س??ن ڪمزور معاهدا ڪيا، پاڪستان جي عوام جي قسمت کي آءِ ايم ايف معاهدي جي ور چاڙهي ڇڏيو. هن چيو ته اڄ جيڪي ڪرائي جا ترجمان ??مر??ن خان کان ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا اهي سڀ رد ٿيل ماڻهو آهن، ??مر??ن خان پاڻ انهن کي وزارتن م??ن ڪڍيو، دوائن، پيٽرول، اٽي ۽ کنڊ اسڪينڊلز تي انهن جا وزي فارغ ٿيا. هن چيو ته انهن جي خلاف انهن جون ڪهاڻيون ۽ داستان جڏهن سامهون اچي رهيا آهن ته اهي ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا، انهن پاڪستان جي عوام کي بيروزگاري ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو، اسان انهن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، اسان م??ڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وينداسين، اهي مشڪل فيصلا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۽ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود عوام دوست، آءِ ٽي دوست ۽ زراعت دوست بجيٽ پيش ڪئي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا ملن، وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ واپار ٿئي، اهو ئي هڪ طريقو آهي جنهن سان پاڪستان جي معيشت صحيح ٿيندي. هن چيو ته ??مر??ن خان آڪٽوبر 2023ع تائين انتظار ڪري، جنهن عوام کي ??مر??ن خان معاشي مشڪلاتن جو شڪار ڪيو، دوائن تي پئسا ڪمايا، وڻن مان پئسا ڪمايا، عوام جي خزاني کي ڦريو، ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، انهن سڀني جو حساب آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جا جا سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، اها ??مر??ن خان جي رڳو سوچ آهي ته هو ڪنهن کي ڊڪٽيشن ڏئي سگهندو. هن چيو ته اسان م??ڪ کي ترقي طرف وٺي وينداسين، ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي ختم ٿيو هو ان کي ٻيهر بحال ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف ٽوئيٽ ۾ پنهنجو تجزيو شيئر ڪيو آهي، ان جي خلاف ڪيسز ٺهيا، اقاما ٺهيا، پاناما ک??ن ڪهاڻي شروع ٿي، ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو ٿيو، ان جي والده فوت ٿي، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز سان گڏ جيل ۾ هو، ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ان کي جيل ۾ ملي، ان کانپوءِ ٻيهر مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو، انهن م??ڪي مفاد جي لاءِ قرباني ڏني. هن چيو ته انهي ڏس ۾ نواز شريف بيان ڏنو آهي ته مشرف سان سندس ڪا ذاتي دشمني نه آهي، ان جو بيان اعليٰ ظرفي آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان آئين تي حملو ڪري چڪو آهي، سپريم ڪورٽ رات جو ان جي لاءِ کلي هئي ته آئين شڪني ٿي رهي هئي، جيڪو شخص آئين شڪني ڪري سگهي ٿو اهو آئين جي خلاف ورزي به ڪري سگهي ٿو. ??مر??ن خان جي دماغ ۾ اها ڳالهه آهي ته ادارن تي حملو ڪندا ته ڪرپشن جو بيانيو ختم ٿي ويندو، ميڊيا جو ڌيان ان طرف هوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪابينا ۾ سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، ڪابينا جي هر فيصلي تي سمورين پارٽين جو ٺپو هوندو آهي، گڏيل فيصلا ٿيندا آهن. ملڪي تاريخ ۾ هي پهريون م??قعو آهي جڏهن وفاق جي سمورين اڪائين جي نمائندگي وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهي. هن چيو ته ڪابينا ۾ شامل سموريون اتحادي پارٽيون پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ چاهين ٿيون. هڪ سوال تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان آئين شڪني ڪئي جنهن تي سپريم ڪورٽ مان 5 – 0 جو فيصلو آيو جنهن تحت ان قرارداد کي به واپس ورتو ويو جيڪا ڊپٽي اسپيڪر ايوان ۾ پيش ڪئي. هن چيو ته ??مر??ن خان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، پاڻ به آئين شڪني ڪئي، جڏهن کيس لڳو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون. هن چيو ته جنهن وقت ??مر??ن خان وزيراعظم هو ۽ کيس خبر هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي ته هو اسميبليون تحليل ڪري عوام وٽ هليو وڃي ها پر هو اقتدار سان چنبڙيل رهيو، جڏهن ان جا اتحادي ۽ ان جا پنهنجي ميمبر انهن کي ڇڏي ويا، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لڳي ۽ ??مر??ن خان کي لڳو ته هاڻي هو وزيراعظم جو ووٽ نه ٿو وٺي سگهي ته هن ان وقت اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون، ان وقت نه آئين هو، نه پارليامينٽ نظر آئي، اقتدار جي بک ۾ اهي انڌا ٿي چڪا هئا، اهي ڪرسيءَ کان جدا ٿيڻ نه چاهيندا هئا. ??ن ڪرسيءَ تي انهن ڪرپشن ڪئي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو، اها ڪرسيءَ ڇڏڻ انهن جي لاءِ تمام مشڪل هو. هن چيو ته ??مر??ن خان کي هاڻي اهو تماشو بند ڪرڻ گهرجي، هو آڪٽوبر 2023ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي هٿان رد ٿيڻ جو انتظار ڪري. هڪ سوال تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته توانائي جي بچت جي حوالي سان پيٽروليم ۽ بجلي بابت مڪمل پروگرام ڪابينا ۾ پيش ٿيندو جنهن جي منظوري ڏني ويندي. هن چيو ته ان حوالي سان مختلف تجويزون آهن، انهن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي بچت بابت اطلاعات وا??ي وزارت ۾ آگاهي پروگرام تيار ٿي رهيو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان کي اهڙي ذهني بيماري لڳل آهي جنهن جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي، ان جو علاج ضروري آهي، ??مر??ن خان جي ذات ضد، انا ۽ تڪبر ۾ جڪڙيل آهي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرنامي جي توثيق ??مر??ن خ??ن ڪئي، ان کي ان تي اعتراض هو ته ان وقت هڻي ها، اها راءِ نه اهو آفيشل بيانيو هوندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان جو بيانيو جيڪڏهن مضبوط هجي ها ته هو ائين رڙيون نه ڪندو وتي ها، انهن جي ڪارڪردگي هجي ها ته اهو طاقتور بيانيو هجي ها، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏنا هجن ها ته اڄ اهي خاندان به ان سان گڏ بيٺل هجن ها، ڪوڙو بيانيو وقتي هوندو آهي. هن چيو ته انهن جي ڪارڪردگي به ڪوڙ، انهن جي حڪمت عملي به ڪوڙ ۽ انهن جو بيانيو به ڪوڙ آهي.