اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جاپان سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ??ڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان پاڪستان ۾ انڊس موٽر جي ??يڙپڪاري کي ??اراهيندي وزيراعظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي ??وصلا افزائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي ??لد متعارف ڪرائڻ جي ??هميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي ??جاگر ڪندي وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ پنهنجي ??يڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي ??هم ڪمپنين جي وفد پن ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم جاپان سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ??ڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق ??اطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي ??رپيس مسئلن کي ??رجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خص??صي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي ??اهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ??تم ڪرڻ آهي.