اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ??يم??ر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ??يم??ر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ??يم??ر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ??يم??ر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊ??ٽي چيئرمين، ناڻي وارو سي??ريٽري، اقتصادي معاملن وارو سي??ريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سي??ريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.