بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي ??ين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ ??ين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو ??ين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جي??ن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ??ين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. ??ين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ ??ين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي ??وام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺ?? وڃبو. پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان ??ين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان ??ين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ ??ين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.