اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪ??تا?? علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعل??م جي شعبي ۾ 10 لک پاڪ??تا??ي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ??تا?? ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪ??تا?? سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪ??تا?? سان سماجي ۽ اقتصا??ي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ??تا?? جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪ??تا?? ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪ??تا??ي قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن