اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي، ا??ان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي چونڊن جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافي?? سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري اپوزيشن آئين شڪن آهي، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي. هن چيو ته اڃا 20، 20 اوور جو مئچ باقي آهي، ا??ان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان ڏس ۾ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊن جي لاءِ 5 مهينن کان وڌيڪ وقت گهريو پيو وڃي، ملڪ اهڙي طرح نه ٿو هلي سگهي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت به تباهه ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ا??ان اليڪشن طرف هليا وڃون ته هي بحران ئي ختم ٿي وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جي دوست?? سان به اڄ ڳالهه ٿي آهي، هر هڪ ذهني طور تي اليڪشن طرف وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه جو ڪم نه آهي ته اهي هر وقت سياستدانن جا مسئلا حل ڪندا وتن، سياستدانن کي پنهنجي پيرن کان اڳتي وڌي سوچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويهن ۽ شفاف چونڊن جو فريم ورڪ طئي ڪن، هي سڄو ڊرامو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اپوزيشن ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ منڊي لڳائي رکي آهي، اهڙي طرح خچرن جو بازار لڳائي ڪرائيسز ختم ناهن ٿيندا. ??ار??ل لاء جي حوالي ??ان صحافي سوال ڪيو ته ملڪ ۾ ??ار??ل لاء لڳي ويو ته ان جو ذميوار ڪير ??ون??و جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ار??ل لاء لڳڻ جا ذميوار بي ضمير ماڻهو ??ون??ا.