اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو ??تفقه اميدوار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اع??ان ڪيو ته محمد شهباز شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اع??ان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ??نڍو ڀاءُ آهي، محمد شهباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ??يمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ??يمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ??يمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ??يمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ??يمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو ??ڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو ??ڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز شريف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.