اسلام آباد – 10 8211; اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان / وزيراعظم جي چونڊ جي لاءِ ميان محمد شهباز شر??ف ۽ شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميان محمد شهباز شر??ف ۽ شاهه محمود قريشي جي نامزدگي ڪاغذن جي باضابطا ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي. ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم / قائد ايوان جي لاءِ چونڊ سڀاڻي سومر ڏينهن ٻنپهر?? جو 2 وڳي ٿيندي.