اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاد فيصل بن فرحان السعود ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران گڏيل لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيرا??ظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيرا??ظم سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪساتن سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو جيڪو ويجهي دوستاڻي ۽ تاريخي لاڳاپن ۽ عوام جي سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن.