GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عورتون ۽ خصوصي ماڻهن کي تعليم ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو: پارليامينٽرينز

image
APP07-080321 ISLAMABAD: March 08 – National Assembly Speaker Asad Qaiser along with Deputy Speaker Qasim Suri in a group photograph with the participant during the event to celebrate International Women’s Day with the global theme ‘Women in Leadership: Achieving equal future in a Covid-19 world’ at the lawn of National Assembly. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عورتون خاص طور تي خصوصي ماڻهن کي تعليم جي ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن معاشري جو مرد عورتن سان تعاون ڪري ته معاشري جي عورت اڳتي وڌي سگهي ٿي، هر قسم جي صنفي فرق جي خاتمي سان ئي عورتن جو تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، قومي اسيمبلي ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ جسماجي طور تي معذور عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عورت پارليامينٽ جي گروپ وومن ڪاڪس جي سربراهه منزه حسن چيو ته وومن ڪاڪس جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ۽ معاشري ۾ معذور عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. وومن ڪاڪس ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي تجويز ڪندي. هن چيو ته عورتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بينظير ڀٽو ۽ فاطمه جناح سميت پاڪستان جي قومي تاريخ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي واکاڻ جوڳو رهيو آهي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ عورتن پنهنجي خاندانن کي پنهنجي روين ۽ سپورٽ سان جيڪو سهارو ڏنو ان جو مثال نٿو ملي. اسپيڪر اسد قصر جي ڌيءَ ذاله قيصر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سمورين عورتن کي ڪنهن به قسم جي صنفي فرق کانسواءِ زندگي جا سمورا موقعا ڏيڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي، عورت اڳواڻن کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اسان کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ جو آئين به خصوصي ماڻهن کي سمورن بنيادي حقن جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گونگن، ٻوڙن ماڻهن جي لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ڏانهن ڌيان ڌنو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو تاحيات هجڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موقعن ۾ شرڪت ۽ تفريحي سرگرمين ۾ اضافو ڪيو وڃي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي ثناءُ خورشيد چيو ته موٽر وي حادثي جي نتيجي ۾ هو جسماني طور تي معذور ٿي وئي آهي پر هن تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ڇو ته مون کي اهو محسوس ٿيو ته عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غير سرڪاري تنظيم اسٽيپ جي ڊائريڪٽر عاطف شيخ چيو ته هتي اسان عورت اڳواڻن جي ڪردار تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي خصوصي ماڻهن جي مائرن کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن کي به تمام وڏن دردن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان کي معاشري کي اهڙو بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي معاشرتي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. موجوده حڪومت جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيل چيئر جي انڊرسٽري جي سهولت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عائشه سليم چيو ته آئون پوري طرح نٿي ڏسي سگهان، رڳو انڌيري ۽ روشني ۾ تميز ڪرڻ جي حد تائين منهنجي نظر ڪم ڪندي آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم، والدين ۽ استادن جي رهنمائي سان مون پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي معاشري جي حيثيت سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي تعليمي ضرورتن جي لاءِ حڪومتي سطح تي اوزارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معذور عورتن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن معاشري جو مرد تعاون ڪري ٿو ته ان معاشري جي عورت اڳتي وڌندي آهي. يو اين ايف پي اي جي نمائندي لينا موسيٰ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو خصوصي ماڻهن جي سپورٽ جي حوالي سان قدم واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان صنفي فرق جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. ڪوورنا جي صورتحال دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان به اسان کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي حقيقي معنيٰ ۾ اهڙي طرح سهارو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن اسان انهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين، هن قومي اسميبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پاڪستان جي حڪومت پاران خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني طور تي معذور عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب