باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي ??بديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته هندوڪش هماليه خطي کي درپيش چئلينجز پاڪستان، نيپال، ڀوٽان، ڀارت ۽ بنگلاديش سميت سمورن علائقائي ملڪن جي قومي سرحدن جي پار بنيادي ڍانچي، معيشتن ۽ ماحولياتي نظام کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو ۾ هندوڪش هماليه ريجن جي ملڪن جي وزارتي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطو جنهن کي اڪثر ”واٽر ٽاور آف ايشيا“ چيو وڃي ٿو، 1.3 ارب کان وڌيڪ ماڻهن جو گهر آهي جيڪو اٽڪل چوٿون حصو آبادي جي روزگار، پاڻي ۽ حياتياتي ??يوت جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. وزيراعظم جي موسمياتي معاون ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطي ??ا جابلو حصا قدرتي ??فتن بشمول ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان وڏي پئماني تي ??ماجي ۽ اقتصادي نقصانن کان متاثر ٿين ٿا، هن خطي ??ازن سالن ۾ خطرناڪ تبديليون ڏٺيون آهن خاص طور تي ??ن جي گليشيئرز ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ اضافي، زراعت، توانائي ۽ حياتياتي ??يوت جي سلامتي کي خطرو آهي. رومينه خورشيد عالم اٽلي جي هڪ عالمي ريسرچ آرگنائيزيشن جي هڪ تازي تحقيق جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جيڪو ڪوهه هندوڪش، قراقرم ۽ هماليائي سلسلن ۾ 13000 کان وڌيڪ گليشيئرز جو گهر آهي، انهن تبديلين جي منفي اثرن جو پاڻ تجربو ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ هندوڪش هماليه خطي ??ي ٻين علائقائي ملڪن ۾ گليشيئرز جي تيزي سان پگهرڻ سان نه رڳو پاڻي جي حفاظت خطري ۾ پئجي وئي آهي پر قدرتي ??فتن جهڙن گليشيئل ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلوف) ۽ زميني کاڄ جي خطرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. وزارتي ??قريب دوران ڀوٽان، ڀارت ۽ نيپال جي وزيرن پڻ پاڪستاني وزيراعظم جي موسمياتي ??بديلين بابت معاون رومينه خورشيد عالم جي گڏيل علائقائي ماحولياتي ??طرن خاص طور تي ڪمزور جابلو برادرين، انهن جي روزگار جي ذريعي ۽ ماحولياتي نظام کي متاثر ڪندڙ گڏيل ردعمل جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وزيرن جا ٿورا مڃيا ته هنن لکين ڪمزور ڪميون??يز ۽ انفراسٽرڪچر جي زندگين ۽ روزگار جي تحفظ جي خاطر گڏيل ماحولياتي چئلينجن ۽ موسمياتي ??طرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو آهي.