GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي: اسد عمر

image

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي، ڪورونا تي موجوده حڪومت جي واکاڻ صحت جي عالمي اداري، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، اسان پاڻ اشتهار ناهن ڇاپيا. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف جي نڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪا تڪليف ٿي رهي آهي ان جي اسان کي خبر آهي، ڪجهه مهينن ۾ هڪ طوفان مچائي ڇڏيو آهي ته حڪومت جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن پر اڄ پوري قوم ڏٺو ته آرڊيننس جي توسيع ۾ ووٽنگ تي ان جا صرف 3 ميمبر اٿي بيٺا، اهي پنهنجي ميمبرن کي اٿاري بيهاري نٿا سگهن ته عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري سگهندا. اسد عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ سندس وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مالهي، ڌوٽي ۽ نائي جي اقامن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا، هنن مسلمانن جي رت جي پياسي ۽ قاتل نريندر مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، ان جي لاءِ ساڙهيون موڪليون، اهي ماڻهو قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن، اسد عمر چيو ته ڏيڍ سال پهرين جڏهن ڪورونا آيو ته هڪ صاحب جيڪو لنڊن ڀڄي ويو هو، پنهنجي سي وي کي اپ ڊيٽ ڪندي لنڊن مان واپسي آيو پر کيس مايوسي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته جڏهن اهي ڊينگي تي ڪم ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجا اشتهار ڇاپي رهيا هئا، ڪورونا تي اسان جي واکاڻ صحت جو عالمي ادارو، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، گذريل سروي ۾ 86 سيڪڙو پاڪستانين قرار ڏنو ته ڪورونا تي حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنج پنج سال حڪومتون ڪيون، اهي نااهل حڪومتون هيون، 10 سالن ۾ هن ايوان مان هڪ روپئي جي ترقياتي بجيٽ منظور ناهي ٿي، اسان جي حڪومت 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 600 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، هن چيو ته خواجه آصف ايڪسپائر آرڊيننس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ان تي اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آهي پر آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ايڪسپائر سياستدان جون تقريرون ٻڌڻ اسان تي لازمي آهي يا نه، هن چيو ته خواجه آصف خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، ان تي جيڪڏهن جي يو آءِ جا ميمبر ڳالهه ڪن ها ته ان ۾ وزن هجي ها، تحريڪ انصاف اڪيلي 15 تعلقا کٽيا آهن، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي گڏجي 9 تعلقا کٽيا آهن، هن چيو ته اسان جي اها پارٽي آهي جنهن جي اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن حڪومت دشمن جو جهاز ڪيرائي پائليٽ کي چانهه پياري ذليل ڪري ڇڏيو، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي، ان جي باوجود ان پارٽي جي هڪ اڳواڻ هن ايوان ۾ چيو ته خوف سان ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، هن چيو ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا