اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻارن جي نامڪمل واڌويجهه (اسٽنٽنگ) تي ضابطو آڻڻ ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، وفاق ان حوالي سان پنه??جو ڀرپور ??ردار ادا ڪندو. اسٽنٽنگ کي روڪڻ لاءِ جامع روڊ ميپ جوڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي پيش ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ??اڪستان نيشنل نيوٽريشن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي پهرين اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.