اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته روانگي واپار ۾ اضافو ۽ دولت جي پيداوار حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جئين ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي، ان سلسلي ۾ حڪومت صنعتي شعبي جي سهولتڪاري ۽ ??مو??يون امڪاني مراعتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مينوفيڪچرنز ۽ م??تلف ايسوسيئ??شن?? جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو، وفد ۾ ميان ذڪاءُ الرحمان، اعظم فاروقي، انيس خواجه، ميان ادريس، عمر احسن خان، شاهد عبدالله، ڪريم عزيز ملڪ، عباس اڪبر خان، عاطف اڪرم شيخ، سعادت اعجاز ۽ الماس حيدر ش??مل هئا، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ ٻيا سينئر آفيسر به ملاقات ۾ موجود هئا