ڪراچي – 03 آگسٽ ( اي پي پي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چي?? آهي ته گذريل سال دهشتگرد مو??ي سرڪار ڪشمير تي ظلم، ڏاڍ، جبر ڪندي غير آئيني طور تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشميري عوام کان جيئڻ جو حق کس?? ورتو هو. پنج آگسٽ 2020 تي مو??ي سرڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشميري ماڻهن کي مو??ي سرڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ??يو اهو ظلم پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪمشيري عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ويا آهن. پوري سال کان ڪشمير ۾ مو??ائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو مو??صلاتي نظام بند پيل آهي مو??ي سرڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرصي ۾ هڪ لک چو??يتاليهه هزار پنج سو ڪشميري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.