اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 29 هزار 830 م??ڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هز??ر 527 ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3191 وڌيڪ مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته 91 ڪورونا متاثرين فوت ٿي ويا. هيستا??ين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 لک 28 هزار 474 تصديق ڪيسز سامهون آيا آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1288، بلوچستان جا 10 هزار 766، گلگت بلتستان جا 1545، اسلام آباد جا 13 هزار 409، خيبرپختونخواهه جا 27 هزار 843، پنجاب جا 81 هزار 317 ?? سنڌ جا 92 هزار 306 مريض شامل ??هن. هيستا??ين مجموعي طور تي 4 هزار 712 فوتگيون ٿي چڪيون ??هن. هيستا??ين 13 لک 98 هزار 152 ٽيسٽ ڪيا ويا ??هن. 729 اسپتالن ۾ 5130 م??يض علاج هيٺ ??هن.