سيالڪوٽ – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ س??الڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايمرجنسي ڪيش ٽرانسفر پروگرام شروع ڪيو آهي، حقدار کي ان جو حق ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سڄ?? ملڪ ۾ 13 لک 80 هزار خاندانن ۾ 16 ارب رپين کان وڌيڪ ورهائجي چڪا آهن. ان موقعي تي هن مسيحي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪورونا جي ڪري ايسٽر جو ڏڻ سادگ?? ملهايو پيو وڃي. سمورين عبادتگاهن ۾ ملڪي ترقي سان گڏ ڪورونا جي خاتمي لاءِ دعائ??ن ڪيون پيون وڃن.