GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ ”سي پيڪ“ منصوبي ۾ وسيع تر شموليت

image

ترجمو: عدنان کوکر
چين – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي خوش اسلوبي سان اڳڀرائي جي ڪري پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع پئماني تي معاشي سرگرمين جي اميد رکي ٿو. چين جي حڪومت جي شاندار بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) جي ڪري پاڪستان علائقائي اقتصادي سرگرمين ۾ اهم ڌر بڻجي ويو آهي. هن منصوبي سان نه رڳو واپار ذريعي اربين ڊالر جي آمدني ٿيندي پر انفراسٽرڪچر جي ترقي، بجلي جي پيداوار، چرپر، ريلويز، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ منصوبن کانسواءِ هزارين مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. سي پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين جي گڏيل منصوبي ذريعي سڄي ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ان منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ٻين ملڪن پڻ ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کانپوءِ اقتصادي سرگرمي زور شور سان جاري آهي جيڪو گهڻو اقتصادي تعاون تي ٻڌل آهي. جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت تعمير ڪيا پيا وڃن جن جو بنيادي مقصد چيني صنعت ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي پر ٻئي ملڪ اڳ ۾ ميگا پراجيڪٽ ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي آڇ ڪري چڪا آهن. سعودي عرب، قطر، ايران، وچ اوڀر جي ملڪن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن اڳ ۾ ئي صنعتي زونز ۾ خصوصي طور تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سي پيڪ ۾ ٽئين ڌر جي شموليت سمورين ڌرين جي لاءِ هڪ جهڙي فائديمند آهي ڇو ته ان سان پرڏيهي ڪمپنين کي پاڪستان حڪومت جي پيش ڪيل منافعو ڏيندڙ سهولتن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ ئي پاڪستان کي ممڪن عالمي منڊي ۾ پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
چيني عملدارن پڻ سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ وسيع تر شرڪت جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. گوادر فري زون کانسواءِ سي پيڪ تحت ڪل 9 خصوصي اقتصادي زون جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چار ترجيحي زون بشمول ڌاٻيجي، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي اڪنامڪ زون ۽ بلوچستان ۾ بوستان اڪنامڪ زون شامل آهن. سي پيڪ جو مقصد معاشي ۽ واپاري محاذن تي پاڪستان جي عالمي حيثيت کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي دنيا جي اعليٰ معيشتن ۾ شامل ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ٻئي سرڪاري ادارا وزيراعظم عمران خان جي متحرڪ قيادت ۾ مصروف آهن. 60 ملين ڊالر جي سي پيڪ پراجيڪٽ تحت 53 ارب ڊالر ماليت جي مختلف منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ لنگهه تحت 25 ارب ڊالر ماليت جا 17 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 19 منصوبا تعمير هيٺ آهن ۽ تاريخي ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ سميت وڌيڪ 28 منصوبا منصوبابندي ۽ منظوري جي مختلف مرحلن ۾ آهن. انهن منصوبن ۾ ٽي حصا رقم چيني سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي جيڪا چيني قرضن جي ڄار جي عالمي پروپئگنڊه جي نفي ڪري ٿي.
منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سي پيڪ تحت 9 مان 4 اڪنامڪ زون تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته انهن زونز ۾ شروع ڪيل خصوصي معاشي سرگرميون ملڪ ۾ معيشت جي مجموعي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ لکين اڻ سڌي ۽ سڌي روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان جا چيني هم منصب صنعتي ترقي ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪري رهيا آهن پر مقامي ماڻهو به سي پيڪ تحت ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. پارلياماني سيڪريٽري سي پيڪ تحت 5 شعبن جي نشاندهي ڪئي جن سان ماڻهن جي زندگي تي سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح مثبت اثر پوندا جن ۾ رابطي، توانائي جا منصوبا، وزيراعظم جو صاف سٿرو ۽ سرسبز منصوبو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي شامل آهن. هن ٽئين ڌر جي سي پيڪ ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻيا اولهه ملڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته اهو پوري خطي ۽ ان کان اڳتي جي علائقن ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته قطر کي به گهرايو ويو آهي ۽ اهو ملڪ ڊگهو رستو اختيار ڪرڻ بدران مختلف ملڪن کي مايع قدرتي گئس جي فراهمي جي لاءِ سي پيڪ جي مختصر رستي جي چونڊ ڪري سگهي ٿو.
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، ڪيپيٽل آفيس جي چيئرمين قربان علي چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر آهي، وڌيڪ ملڪن جي شرڪت سان ايس اي زيز ۾ وسيع تر سرگرمي سان انهن زونز ۾ معاشي سرگرمي کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين اولهه ملڪن جون ڪمپنيون پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون ته سي پيڪ کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ اهو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه شهر عالمي بندرگاهه شهرن جهڙوڪ دبئي کي پٺتي ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڇو ته ان کي هڪ طرف ايران، ترڪيءَ ۽ وچ اوڀر ملڪن سميت پوري خطي ۽ ٻئي طرف افغانستان، چين، وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کانسواءِ يورپ سان ڳنڍي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ کي واخان لنگهه سان پڻ ڳنڍي سگهجي ٿو جيڪا 76 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ نه رڳو افغانستان پر وچ ايشيائي رياستن تائين پڻ پهچ جي لاءِ لنگهه آهي. وچ ايشيائي رياستن تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي ان مختصر رستي مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران سي پيڪ تحت خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ صنعتڪارن جي لاءِ پيش ڪيل سهولتون انتهائي منافعو ڏيندڙ آهن ۽ هاڻي نه رڳو مقامي پر غيرملڪي صنعتڪار پڻ علامه اقبال انڊسٽريل پارڪ فيصل آباد، رشڪئي ۽ ٻين اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي گيٽ وي هجڻ جي لحاظ کان گلگت بلتستان (جي بي) انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ صنعتي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ان خطي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ مقفنداس زون جي لاءِ زمين مخصوص ڪئي آهي ۽ ان جڳهه تي اڪنامڪ زون کي ترجيحي طور تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان علائقي جا ماڻهو به ملڪ ۾ مجموعي ترقياتي عمل مان فائدو کڻي سگهن. جيئن ته سي پيڪ جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام جلد کان جلد ان ميگا پراجيڪٽ جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهي.
ڪوويڊ – 19 جي ڪري قيمتن ۾ اضافي ۽ عالمي معاشي ٻاڙائي جي ڏس ۾ پڻ سي پيڪ منصوبن جي اهميت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي. سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد سان وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ سستيون شيون ۽ جنسون ۽ روزگار جي فراهمي جي لحاظ کان عوام جي زندگين ۾ سهولت ۽ نمايان تبديلي ايندي.

مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث