اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي قبضي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ه??دستان جو اصل چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي سڄي وادي جيل جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، معصوم ڪشميرين تي جيڪو ظ??م برپا ڪيو پ??و وڃي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي وڊيو پ??غام ۾ چيو ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان اهو ڏٺو آهي ته ان عرصي دوران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ بربريت برپا ڪئي وئي.