اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيرا??ظم چيو ته ناجائز منافعي خو??ن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيرا??ظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيرا??ظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمو?? ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد ??ٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.