اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ??ور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 ه??ار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 ه??ار 689، پنجاب ۾ 11 ه??ار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 ه??ار 765، اسلام آباد ۾ 2 ه??ار 228، بلوچستان ۾ هڪ ه??ار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 ه??ار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ ه??ار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 ه??ار 877 آهي. سڄي ملڪ ۾ ??ور??نا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 ه??ار 431 آهي.