اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظ??ري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عا?? چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دوران پارليامينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبر??ري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبر??ري 2019ع تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظ??ري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظ??ري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.