اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي، لاهور ۾ نئين شهر جي تعمير جي منصوبي سان سيڙپڪاري ج?? راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ملڪ تي جان ڏيندڙ عظيم فرزند ميجر طفيل شهيد نشان حيدر جي ورسيءَ تي قوم کيس زبردست خراج عقيد?? پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج جي ج??انن جرئت ۽ بهادري جا روشن مثال قائم ڪيا. پوري قوم قابل فخر شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته راوي ريور منصوبو نئين پاڪستا?? ۾ ??ئين لاهور جو بنياد آهي ج??هن سان سيڙپڪاري ج?? راهه هموار ۽ عوام کي روزگار جا وسيع موقعا ملندا. وڻڪاري، ڍنڍ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس جا منصوبا لاهور کي خوبصورت ۽ ماحول دوست بڻائيندا. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عالمي ادارن ڪوورنا وبا جي باوجود اسان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي ج??ڪا شاندار ڪاميابي آهي. موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سان آئوٽ لڪ مثبت قرار ڏني آهي.