اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيا??ت ڪشمير ?? گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ??وب??ه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ان??ن جي قربانين تي ان??ن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ?? گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ??وب??ه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ?? ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀارت 70 سالن کان والاريل ڪشمير ?? انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ?? گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.