اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي لاءِ 200 ارب رپ??ا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي لاءِ 150 ارب رپ??ا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ارب رپ??ا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ 100 ارب رپ??ا، يوٽيلٽي اسٽورز جي لاءِ 50 ارب رپ??ا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب رپ??ا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي لاءِ 280 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپ??ا امداد ڏني ويندي، 300 يونٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپ??ا گهٽ ڪري رهيا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، تعميراتي صنعت جي لاءِ خاص مراعاتي پئڪيج تيار ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ به خاص پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.