ڊيره غازي خان – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ض??وري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سان دس??يابي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽ?? کي مڪمل طور تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، افرادي قوت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڊيره غازي خان ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ۽ قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي ص??رتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.