اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خا?? مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي اد??رو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو اد??رو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند اد??رو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ ک??ي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.