اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀرپور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. پاڪ فضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني را??طا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ مت??ثر جي وڌ کان وڌ امداد لاءِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ ج?? سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ مت??ثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ مت??ثرن جي تڪليفن جي ازالي ??اءِ پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پي??يٽ، 2130 پاڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پي??يٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن.