اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي م??ت اٽ?? جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، سياسي قيادت، سمورن ادارن ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي م??ڪ جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي خاندان بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ نه آهن انهن کي به اٽي جا ٽي ٿيلها فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ مفت اٽ?? جي فراهم?? جي مرڪزن جي معائني دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو صحت وارو نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ملڪ ابرار احمد، ڪمشنر اولپندي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم اٽو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ شهرين کان انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ مفت اٽ?? جي فراهمي ۾ ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪمشنر راولپنڊي م??ت اٽ?? جي فراهم?? جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب کانس??اء?? ٻين صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جيڪا راولپنڊي ۾ رهي ٿي، کي پڻ مفت اٽ?? جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪي خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رڪارڊ تي نه آهن پر غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي به مفت اٽ?? جي فراهمي شروع ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڄ کان اهو نظام ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن کي نالو نه هجڻ جي بنياد تي م??ت اٽو فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هاڻي انهن جي لاءِ فوري طور تي ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا ۽ انهن کي به اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اڄ اڱاري کان مفت اٽي مرڪزن تي ٽي ٿيلها گڏ ڏنا ويندا ته جيئن انهن کي بار بار اچڻ جي زحمت نه ٿئي، جيڪي ماڻهو هڪ ٿيلهو وٺي چڪا آهن انهن کي اڳئين ڀيري اچڻ تي گڏ ئي ٻه ٿيلها ملندا. وزيراعظم مفت اٽ?? جي فراهم?? جي لاءِ پنجاب حڪومت جي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته مفت اٽ?? جي فراهمي جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ اسان هر دڪان تي سستو اٽو پهچايو ۽ هاڻي م??ت اٽ?? جي فراهم?? جيڪو هڪ وڏو مشڪل ڪم هو، بهتر طريقي سان پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ مفت اٽ?? جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي خواب جي تعبير موجب تعمير ڪرڻ جي لاءِ سموري سياسي قيادت ۽ ادارن کانس??اء?? زندگ?? جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.