اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه ??لن??ي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف پا??ست??ن نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پا??ست??ن جي آئين جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صدر گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جي حيثيت سان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اختلاف گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سياسي پارٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پڪو يقين آهي ته پا??ست??ن ڪنگال نه ٿيندو، بهتر ۽ موثر مالياتي انتظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف آهيان ڇو ته ان پا??ست??ن کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪيو. صدر چيو ته فيصلاسازي ۾ دير، ميرٽ جي خلاف ورزي، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن پا??ست??ن کي کوکليو ڪيو، ميڊيا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پيش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صدر چيو ته نئين ميڊيا جي عروج جي باوجود پرنٽ ميڊيا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ اهم مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر پا??ست??ن ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.