اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري (سالڊ ويسٽ) کي تلف ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، ٺوس ڪچري کي تلف ڪرڻ جو ماڊل پنجاب ۾ موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مجب وزيراعظم چيو ته اسان لاهور ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي لاءِ عالمي معيار جو منصوبو ٺاهيو. ??ن هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ به ٺوس سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جي لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ کان وٺي لين?? فل سائيٽ تائين منتقلي جي سمورن مرحلن کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي ۽ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ڪچري سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوباسازي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان جي لاءِ لين?? فل سائيٽ جي چونڊ پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪري لين?? فل سائيٽ تائين پهچائڻ جا سمورا مرح??ا آئوٽ سورس ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار جون بهترين خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ حڪومت جو خرچ به گهٽ کان گهٽ ٿئي. اجلاس کي ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، ڪم??نر اسلام آباد، ڪم??نر راولپنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.