اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشمور جي پارٽي اڳواڻ ??ير برڪت علي لنجواڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سي?? پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ مرحوم مير برڪت علي لنجواڻي جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ مرحوم جي مغف??ت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.