انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ??رڪ??ه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ??رڪ??ه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ??رڪ??ه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ??رڪ??ه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ??رڪ??ه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ي??د ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحال?? نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ??رڪ??ءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حم??يت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ??رڪ??ه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ??رڪ??ه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حم??يت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ??رڪ??ه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.