ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ??اڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??فاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ??احول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ قدرتي ??احول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ ??از?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چ??و ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪ??شش جي سلسلي ۾ قدرتي ??احول جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.