اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ??يجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت ??ڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو اهلڪار ملڪ مان ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ان مهم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪ??ي ڪوشش کي ڪ??هن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، مون سميت سموري قوم جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم و??قعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.