ڪراچي ۔27 آڪٽوبر( اي پي پي ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڀا??ت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهياآزادي ڪشميرين جي منزل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي،صوبائي وزير چ??و ته ڪشمير تي ڀا??تي قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ڀا??رن جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چ??و ته ڀا??تي جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چ??و ته اسان ڪشميري ڀا??رن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي مدد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير جي مسئلي کي قومي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ص??ر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي،ھن چ??و ت?? پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪم?? ڪندي.