اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب 30 بلين ??الرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو ۽ ٻيهر تعمير لاءِ 16 بلين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1730 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، حڪومت بحالي سان گڏوگڏ ميڪرو اڪنامڪ اس??حڪام ۽ مال??ات?? اس??حڪام کي پڻ يقيني بڻائي ??هي آهي، محدود وسيلن سان حڪومت گڏيل قومن ۽ ٻين امدادي ايجنسين سان گڏجي وڌندڙ بحران کي منهن ڏئي ??هي آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ بحالي جي حوالي سان جائزي رپورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب 30 بلين ??الرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو، ٻيهر تعيمر لاءِ 16بلين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 1730 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ جيڪو ڏک ۽ تڪليف ڏٺو آهي اهو دل ڏاڙيندڙ آهي، عورتن، ٻارن ۽ پوڙها شهري کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار پنهنجي بقاءُ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، 80 لک کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي هاڻ صحت جي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، متاثر 94 ضلعن ۾ اڪثر غريب ترين ضلعا آهن جن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت هن وقت پاڻي مان پيدا ٿيل بيمارين، ڊينگي، مليريا جي پکيڙ ۽ وڌندڙ بک، غربت ۽ خوراڪ جي بحران ، سياري ۾ ٿڌ جهڙا اهم چئلينج سامهون آهن، حڪومت بحالي سان گڏوگڏ ميڪرو اڪنامڪ اس??حڪام ۽ مال??ات?? اس??حڪام کي پڻ يقيني بڻائي ??هي آهي، محدود وسيلن سان گڏ حڪومت گڏيل قومن ۽ ٻين امدادي ايجنسين سان گڏجي وڌندڙ بحران کي منهن ڏئي ??هي آهي، هن چيو ته نيشنل فلڊ اينڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن وفاقي ۽ صوبائي ??طح تي ڊزاسٽرمينيجمينٽ ايجنسين طرفان جامع رد عمل کي يقيني بڻائي ??گهجي. بينظير انڪم سپوررٽ پروگرام تحت 2.7 ملين ??هراڻن کي 286 ملين ??الر هنگامي فنڊ ڏنو ويو، ننڍن آبادگارن لاءِ ايندڙ مند ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 42 ملين ??الر ڏنا ويندا. آفتن کانپوءِ بحالي جي سلسلي ۾ پرڏيهي مالي امداد جي اس??عمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته بحالي جي عمل ۾ سول سوسائيٽي کي شامل ڪري ۽ لاڳاپيل ڊيٽا کي آن لائن ڊيش بورڊ ذريعي عوام لاءِ دستياب ڪيو ويندو، گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس ۾ پاڪستان مسلسل 10 ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل رهيو آهي پر گرين هائوس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ جي 20 تنظيم جي ميمبر رياستن ۾ ان جي نيڪال ۾ 80 سيڪڙو حصو وجهنديون آهن ان لاءِ کين انهن ملڪن ۾ ماحول??ات?? موافقت، هنگامي رد عمل ۽ بحالي جي سمورن خرچن کي برداشت ڪرڻو پوندو. موسم??ات?? تبديلي جي خوفناڪ اثرن کي روڪڻ لاءِ حتمي ۽ تجديد جوڳي توانائي ??ي عالمي منتقلي ۾ مضمر آهي، امير ملڪن کي 2009ع ۾ گڏيل قومن جي آبهوا جي ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن لاءِ آبهوا بابت مالي امداد ۾ سالياني 100 بلين ??الرن جو حصو وجهڻ لاءِ پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي.