استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نم??ئش جو اعلان ڪندي چيو آهي ??ه پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي مو??عي تي ث??اف?? واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ث??اف??ي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان مو??عي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ث??اف??ي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نم??ئش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ث??اف?? ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ث??اف?? جي شعبي ۾ ت??او?? کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ تباهي ??ڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان مو??عي تي ايراني ث??اف?? واري وزير پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ث??اف?? جي شعبن ۾ ت??او?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.