اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري ڪشميري اڳواڻ الطاف شاهه جي ڀارت جي قيد ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ناليواري ڪشميري اڳواڻ جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مودي حڪومت ڪينسر جو مريض هجڻ جي باوجود کيس علاج جي سه??لت فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪ??ي ڇڏيو. مودي جي ڀارت ۾ حراستي قتل معمول بڻجي ويا آهن. الطاف شاهه سيد علي گيلاني جو نياڻو هو.