گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چ??ا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدا??ي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ به ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تائين علائقا پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چ??يون آهن، جن ۾ 552 ٻا?? به شامل آهن. گڏيل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ماڻهن لاءِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ صحت جون ضروري سهولتون دستياب ناهن. گڏيل قومن جي ٻا??ن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ??يت??ن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن. ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لاءِ لباس تائين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پيسفڪ لاءِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پاڪستان ۾ 7.6 ملين ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آهن. اسان جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1.2 ملين امدا??ي شيون مقامي اختيارين تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ??يت??ائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ 1.3 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.