اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي تعليم واري وزير رانا تنوير حس??ن کي معاملي تي فوري ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم تعليم واري وزير رانا تنوير حس??ن کي هدايت ڪئي ته والدين ۽ شاگردن کي درپيش تڪليفن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃ??، هن مسئلي جي ذميدارن جو تعين ڪري ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته يقيني بڻايو وڃ?? ته آئنده اهڙي نوعيت جو مسئلو پيدا نه ٿئي.