اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد ??ڪرم دراني ڪراچي يونيورسٽي جي اندر وين ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هنن فوت ٿيندڙن جي وارثن ??ان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو اف??وس??اڪ واقعو آهي، متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون،اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. هنن ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن ۽ پوئينرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ??رڻ لاءِ صبر جميل جي به دعا ڪئي.