اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چي??رمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چي?? ته عوامي فلاحي منص??با وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سفر اتان شروع آهي، جتان رڪ??و هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين.