اسلام آباد – 18 –; اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ الرحمان وزير??عظ?? کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي ??دا??ت تي وزير??عظ?? شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪ??ري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.