اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اق??صا??ي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان جي اق??صا??ي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي ??اء?? پاڪستان آيل چين جي پرڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وانگ زي جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چين پاڪستان جي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ۽ چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي ??اء?? پنهنجي تازي چين جي دوري ۽ چيني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اق??صا??ي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اق??صا??ي ترقي جي ??اء?? پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان ??گا??ه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران پاڪستان جي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ ??گا??ه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ان جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي ??اء?? ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.